غزا (ويب ڊيسڪ) 7 آڪٽوبر کان جاري حملن بعد اسرائيل ۾ ڪم ڪندڙ غزا جا هزارين مزدور گم آهن.
عرب ميڊيا موجب ست آڪٽوبر تي حماس جي حملي کان پوءِ اسرائيلي فوج غزا تي حملن سان گڏ اسرائيل ۾ ڪم ڪندڙ غزا جي هزارين مزدورن لخاف به ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب اسرائيل طرفان وڏي پيماني تي گرفتاريون ڪيون ويون آهن، ست آڪٽوبر بعد هزارين فلسطيني گم آهن.
رپورٽ موجب 7 آڪٽوبر تي جڏهن حماس طوفان الاقصيٰ آپريشن ڪيو ته ان وقت ساڍا 18 هزار غزا واسين وٽ اسرائيل ۾ ڪم ڪرڻ جو اجازت نامو هو.
انساني حقن جي تنظيمن ۽ مزدور تنظيمن جو خيال آهي ته ڪجهه ماڻهن کي والاريل اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي فوج طرفان غير قانوني قيد ۾ رکيو ويو آهي، 7 آڪٽوبر بعد اسرائيل غزا جي ماڻهن جو اسرائيل ۾ ڪم جو اجازت نامو رد ڪيو هو. صيهوني حڪومت طرفان قيد ڪيل ماڻهن جي سڃاڻپ ۽ انگ به ظاهر ناهي ڪيو يوو پر هزارن جي انگ ۾ اهڙا ماڻهو گم آهن جن کي اسرائيل طرفان اڻڄاتل هنڌ قيد ۾ رکيو ويو آهي.
You might also like