پاڪستان ٽيم آسٽريليا جي هدف کي نه پڄي سگهي

بنگلورو: (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ارڙهين ميچ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي 62 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي.

368 رنز جو هدف ملڻ بعد پاڪستاني ٽيم 45.3 اوورز ۾ 305 رنز تي آل آئوٽ ٿي وئي.

آسٽريليا پهريان بيٽنگ ڪندي 368 رنز جو هدف ڏنو هو.

جواب ۾ پاڪستاني رانديگر امام الحق 70 ۽ عبدالله شفيق 64 رنز جي اننگز کيڏي جڏهن ته ٻيا رانديگر آسٽريلوي بالرز کي منهن نه ڏئي سگهيا ۽ ٽيم آل آئوٽ ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.