بيجنگ (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان چين تي انڌو اعتماد ڪري ٿو.
اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن بيجنگ ۾ چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات ۾ ڪيو.
نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ثابت قدمي سان چين سان گڏ بيٺل رهندو ۽ چين سان ڀائيواري کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏيندو.
ملاقات دوران انوار الحق ڪاڪڙ چين لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جي عزم جو اظهار رڳو لفظن سان نه پر عملي طور ڪيو ويندو.
Prev Post
You might also like