سنڌ جي نگران وڏي وزير ڪي سي آر منصوبي بابت وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران وڏي وزير چيو آهي ته سي پيڪ تحت ڪي سي آر منصوبو اسان جي گڏيل ويزن کي متحد ڪري ٿو.
پنهنجي بيان ۾ نگران وڏي وزير مقبول باقر چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبو تقريبن 43 ڪلو ميٽرن تي ٻڌل آهي، وڏي ريلوي نيٽ ورڪ تي ٻه ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿيندي.
هن چيو ته ڪي سي آر منصوبو شهر جي اهم علائقن کي پاڻ ۾ جوڙي ٿو، ڪي سي آر کي شهر جي بي آر ٽيز سان گڏائڻ لاءِ ڊيزائن جو ڪم ڪيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته عوام جي اچ وڃ کي آسان بڻائڻ سان گڏ ٽريفڪ گهٽ ڪرڻ ۾ ڪي سي آر اهم ڪردار ادا ڪندو، ڪي سي آر منصوبي سان تقريبن 6 لک 50 هزار مسافرن کي روز سهولت فراهم ٿيندي.
نگران وڏي وزير چيو ته شهر جي ٽرانسپورٽ جي ضرورتن جو ازالو ان ريلوي جي اهم ڪردار تي ڀاڙي ٿو، ڪي سي آر پراجيڪٽ سان واپار ۽ صنعت ۾ ترقي ٿيندي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.
مقبول باقر چيو ته سي پيڪ اسان جي قومن وچ ۾ ڀائيواري ۽ ترقي جو هڪ ڪرڻو آهي، سي پيڪ جي ڀائيواري گڏيل سهڪار ۽ گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جو سبب آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.