غزا مان راڪيٽ حملا، اسرائيل جو حامي جرمن چانسلر ايئرپورٽ تي اونڌو سمهي پيو

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) غزا مان ڪيل راڪيٽ حملن کانپوءِ اسرائيل ۾ سائرن وڄي ويا، جنهن کانپوءِ گوريون عالمي هوائي اڏي تي لهندڙ جرمن چانسلر، سندس وفد ۽ صحافين جي زمين تي اونڌو سمهي پوڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جرمن چانسلر اولاف شولز، سندس عملو ۽ وفد سان گڏ موجود صحافين کي جهاز لهڻ کانپوءِ زمين تي ليٽڻ تي مجبور ڪيو ويو.
پوءِ راڪيٽن جي خوف کان اهي ريڙهيون پائيندا ۽ راڪيٽن کان بچڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا.

واضح رهي ته شولز جرمني طرفان اسرائيل جي حمايت ۾ تل ابيب جو دورو ڪيو هو.
پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ هڪ چيو هو ته منهنجو اسرائيل جو دورو دوست ملڪ لاءِ آهي، جرمني مضبوطي سان اسرائيل سان گڏ بيٺو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.