2023 لاءِ ادب جو نوبيل انعام ناروي سان واسطو رکندڙ اديب جون فوسي کٽي ورتو.
سوئيڊش اڪيڊمي طرفان جون فوسي کي ادب جو نوبيل انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو.
ادب جي نوبيل انعام جي فاتح جو فيصلو 18 رڪني سوئيڊش اڪيڊمي ڪندي آهي ۽ عام طور تي ان مقصد لاءِ ڪنهن ليکڪ جي سڄي زندگي جي ڪم کي ڏٺو ويندو آهي.
نوبيل ڪميٽي موجب 64 ورهين جي اديب پنهنجي تخليقي ڪم ذريعي انهن موضوعن تي ڳالهايو، جن تي نٿو ڳالهائي سگهجي.
هن ڪيترائي ڊراما، ناول، شاعري جا مجموعا، مضمون ۽ ٻارن جا ڪتاب لکيا آهن.
نوبيل انعام ملڻ جي اعلان تي جان فوسي چيو ته مان ان اعزاز تي جذباتي ٿيڻ سان گڏ ڪنهن حد تائين خوفزده به ٿي ويو آهيان.
You might also like