ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جو اگهه وڌيڪ گهٽجڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو.
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ مسلسل لاٿ جو رجحان جاري آهي ۽ ان جي قيمت ساڍا 5 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪِري پئي آهي.
برطانوي ڪچي تيل برينٽ آئل جي قيمت گهٽجي 85 ڊالر 81 سينٽ في بيرل تي اچي وئي، جڏهن ته ڊبليو ٽي آءِ جي قيمت گهٽجي 84 ڊالر 22 سينٽ في بيرل ٿي وئي.
ڪچي تيل جي اگهه ۾ گهٽتائي جو سبب عالمي معيشت جي سستي ۽ گهٽ طلب جا خدشا آهن.
هوڏانهن اوپيڪ طرفان تيل جي پيداوار ۾ وڌيڪ گهٽتائي نه ڪرڻ جو امڪان آهي.
ماهرن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ اهو رجحان جاري رهيو ته پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جو اگهه وڌيڪ گهٽجي سگهي ٿو.
You might also like