دهشتگردي جي لعنت کي پاڙئون پٽڻ تائين سک سان نه ويهنداسين: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته اندروني ۽ ٻاهرين شرپسند قوتن کي ملڪ جي معاشي ۽ انساني ترقي سان تڪليف پهچي رهي آهي، قوم جي حمايت سان دهشتگردن خلاف آپريشن ڀرپور قوت سان جاري رهندو.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪوئيٽا جو دورو ڪيو، جتي کيس مستونگ ۽ زوب ۾ ٿيندڙ تازن دهشتگرد حملن بابت بريفنگ ڏني وئي.
ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جو مذهب ۽ نظريي سان ڪو واسطو ناهي، اهي پاڪستان ۽ ان جي عوام جا دشمن آهن، قوم جي حمايت سان سيڪيورٽي فورسز ڀرپور طاقت جو استعمال ڪندي رهندي.
هن چيو ته دهشتگردن خلاف آپريشن بنا وقفي جاري رهندو ۽ ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي پاڙئون پٽڻ تائين سک سان نه ويهنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.