ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ۽ پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي ڌاڙيلن خلاف گڏيل طور آپريشن تي اتفاق ڪري ورتو.
وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل ملاقات دوران ٻنهي صوبن جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
محسن نقوي چيو ته پنجاب جو ڪچي وارو علائقو به ساڳين ڌاڙيلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، پنجاب پوليس ڌاڙيلن خلاف ڪيتريون ئي ڪارروائيون ڪيون پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل آپريشن شروع ڪيو وڃي.
جسٽس (ر) مقبول باقر چيو ته سنڌ پوليس جي آپريشن دوران ڌاڙيل پنجاب جي ڀرپاسي وارن علائقن ڏانهن فرار ٿي ويندا آهن، انهن جي خاتمي لاءِ ٻنهي صوبن کي گڏيل آپريشن شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سنڌ ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن هڪ ئي وقت ڌاڙيلن خلاف آپريشن شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن ٻنهي صوبن جا رستا بند ڪيا وڃن، جڏهن ته هڪ ٻئي سان انٽيليجنس رپورٽ شيئر ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.
Prev Post
Next Post
You might also like