سڪرنڊ واقعي خلاف ڪراچي ۾ وڪيلن ايم اي جناح روڊ بند ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڪرنڊ واقعي خلاف وڪيل برادري سراپا احتجاج ٿي وئي ۽ انهن ڪراچي ۾ ايم اي جناح روڊ بند ڪري ڇڏيو.
سنڌ يونائيٽيڊ لائرز فورم پاران ايم اي جناح روڊ سٽي ڪورٽ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن سبب روڊ بند ٿي ويو.
احتجاج جي قيادت ايڊووڪيٽ عاقب راجپر ۽ ايڊووڪيٽ شير محمد خان ڪئي، احتجاج ڪندڙن جي هٿن ۾ مختلف قسمن جا بئنر به هئا.
وڪيل اڳواڻن حڪومت کان سڪرنڊ واقعي جي جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.