ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته راندين ۾ سياست ۽ سياست ۾ راند اچي وئي آهي.
پاڪستان ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي تقريب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته هتي ميرٽ تي نه پر ڊوميسائل جي بنياد تي موقعو ڏيڻ جو فيصلو ٿيندو آهي، سڀني کي برابر جو پاڪستاني سمجهيو وڃي، ڪراچي هلندو آهي ته اسلام آباد سان گڏ پنڊي به هلندو آهي.
هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي سبب وچولو طبقو غربت جي ليڪي کان هيٺ هليو ويو آهي، راندين ۾ سياست ۽ سياست ۾ راند اچي وئي آهي.
Next Post
You might also like