ميرپور ماٿيلو جي بسم الله ڪالوني جي رهواسين نالين جو گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.
ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن قلندر بخش لغاري، محمد بخش بوزدار، عبدالڪريم حيدراڻي۽ ٻين جو چوڻ هو چوڌاريءَ گندگيءَ جا ڍير لڳا پيا آهن نالين جو گندو پاڻي گھر اندر اچي وڃي ٿو جنهن سبب ته عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهيون.
هنن چيو ته ميونسيپل ڪاميٽي کي لکت ۾ درخواست ڏني انھن چيو ته اهو پبلڪ ھيلٿ وارن جو ڪم آهي اسان جو نه،پبلڪ ھيلٿ کي درخواست ڏني ته انھن به جواب ڏئي ڇڏيو جنهن بعد وري اسان ڪالوني واسين ڊي سي گھوٽڪي کي درخواست ڏني پر اتان به تدارڪ نه ٿيو.
سندن چوڻ هو ته نالين جو گندو پاڻي گھرن اندر ڪاهي پيو آهي جنهن سبب مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آهي ڊي سي گھوٽڪي ۽ لاڳاپيل ادارن کي اپيل آهي ته گندو پاڻي نيڪال ڪرائي رستو ٺاهي ڏنو وڃِي.