راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪ فوج جي پيشيوراڻي مهارت ۽ قيادت جو معيار دنيا جي ڪنهن به جديد فوج کان بهتر آهي.
آرمي چيف گهڻ ملڪي اسپيشل فورسز جي گڏيل مشق ”ايٽرنل برادرهم ٽو“ جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ان حوالي سان بروٿا گيريزن جو دورو ڪيو، هن جونيئر لينڊ شپ اڪيڊمي (شنڪياري) جو به دورو ڪيو.
ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج جي پيشيوراڻي مهارت ۽ قيادت جو معيار دنيا جي ڪنهن به جديد فوج جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي، پاڪ فوج جي جونيئر ليڊرز دنيا ۾ تربيت ۽ آپريشنز ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي.
هن چيو ته جونيئر ليڊرز روايتي ۽ غير روايتي جنگ ۾ ڪاميابي سان ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، انهن عالمي معيار جي مقابلن جي شعبن ۾ به پاڻ ملهايو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سربراهه کي جنرل آفيسر ڪمانڊنگ اسپيشل سروسز گروپ جي مشق بابت بريفنگ ڏني وئي.
بيان ۾ ٻڌايو ويو ته مشق جو مقصد دوست ملڪن وچ ۾ تاريخي فوجي لاڳاپن ۽ فوجي سهڪار کي وڌائڻ ۽ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ آهي.
You might also like