سون جي واپارين لاءِ اهم خبر، حڪومت ڏنڊو کڻي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڳجهن ادارن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ سون جي اسمگلنگ ۽ گولڊ مافيا خلاف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن جي دعويٰ آهي ته غيرقانوني سرگرمين خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ لاءِ عملدارن تي ٻڌل هڪ ٽاسڪ گروپ ٺاهيو ويو آهي.

ٽاسڪ گروپ جو مقصد اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن کي پڪڙڻ آهي ته جيئن انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪري سگهجي.

ٽاسڪ فورس مافيا ۽ اسمگلرز جون لسٽون ٺاهي ڪارروائي جو منصوبو ٺاهيو هو.

ياد رهي ته گذريل ٻن هفتن دوران سون جي في تولي جو اگهه 2 لک 36 هزار رپين مان هٽجي 2 لک 14 هزار رپيا في تولو ٿي ويو آهي.

هاڻي حڪومت سون جي وڪري ۽ حاصل ڪندڙن کي ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ ۽ سون جي ڊيلرز کي ٽيڪس جي نظام ۾ شامل ڪرڻ لاءِ تيزي سان ڪم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.