ڪارونجهر جي ڪٽائي لاءِ 30 سالن جي ليز مليل آهي: ڪمپنين جي دعويٰ

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ڪارونجھر جي ڪٽائي ۽ ليزن بابت داخل درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪندي اسٽي برقرار رکي ڇڏيو.
وڪيل شنڪر ميگھواڙ، منور ۽ ٻين پاران داخل ڪرايل درخواستن تي جسٽس شفيع صديقي ۽ جسٽس ارشد حسين خان تي ٻڌل ڊويزنل بئنچ ٻڌڻي ڪئي.
ايف ڊبليو او، ڪوھ نور ڪمپني، مائنز اينڊ منرل، وائلڊ لائيف سميت لاڳاپيل کاتن جا عملدار پيش ٿيا.
سپريم ڪورٽ جي سينيئر وڪيل سجاد چانڊيو، عشرت علي لوھار، شنڪر ميگھواڙ ۽ ٻين دليل ڏنا.
ڪمپنين جي وڪيل جو چوڻ هو ته اسان کي 30 سالن تائين ليز مليل آھي جيڪا ڪينسل ناھي ٿي.
سنڌ حڪومت جي وڪيل عدالت ۾ نوٽيفڪيشن پيش ڪيا، سرڪاري وڪيل موجب آگسٽ مھيني ۾ اھي ليزون ڪينسل ڪيون هيون.
عدالت رمارڪس ڏنا ته اسان ڪنھن به قسم جي ڪٽائي جي اجازت نه ڏينداسين، اسان اڳ ۾ ئي ڪٽائي روڪڻ جو حڪم ڏنو ھو، ڪٽائي بابت ڪنھن به چرپر تي مڪمل پابندي آھي.
عدالت ۾ ايڊووڪيٽ سجاد چانڊيو پاران ڪارونجھر بابت تحقيقي رپورٽ پيش ڪئي وئي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته جيولوجي ماھرن موجب ڪارونجھر جبل زندگي جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ جو آهي، اھو جبل 5 سئو بلين سال پراڻو آھي، جبل عالمي طور ورثو قرار ڏيڻ لاءِ گھربل ڪرائيٽيريا تي پورو لھي ٿو.
عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ حتمي فيصلي تائين اسٽي آرڊر بحال رکندي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.