عوامي آواز اخبار پنهنجي ذريعن وٽان هڪ خبر لڳائي هئي جنهن کانپوءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرز ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو هو. پهريون ته توهان کي اها خبر ٿا ٻڌايون ته اسٽيبلشمينٽ پاڪستان جي تباهه ٿيل معيشت کي صحيح ڪرڻ جو انوکو رستو ڪڍي ورتو آهي اُهو اِهو آهي ته پاڪستان کي ڏيوالو ٿيڻو پوندو.
توهان کي اهو ڳالهه فضول لڳي هوندي يا حيران ٿي ويندا.
پر واقعي اها ئي حقيقت آهي.
اهڙي نئين حڪمت عملي جي ڪاميابي لاءِ آءِ ايس پي جي اڳوڻي سربراهه مرحوم حميد گل جي پُٽ عبدالله گل کي اها ذميواري ڏني وئي آهي ته هو پاڪستان جي يونيورسٽين جا دورا ڪندو ۽ اتي وڃي شاگردن کي سمجهائيندو ته پاڪستان جو ڏيوالو ٿيڻ سان ڪيترا فائدا ٿيندا.
ان دوران شاگردن ۽ ٻين ماڻهن کي ڇا ۽ ڪيئن سمجهايو ويندو؟ ملڪ جو ڏيوالو ڪڍڻ کانپوءِ ڇا سوچو ويو آهي؟ ملڪ کي هٿ سان هيٺ ڪيري ڪهڙي طريقي سان مٿي اٿاريو ويندو؟ سياستدانن جي اهميت ڪيتري بچندي؟ اهو سڄو عجيب فلسفو، حيران ڪندڙ طريقيڪار ۽ اصول سمجهڻ لاءِ هيٺ ڏنل مڪمل تفصيلن واري وڊيو ڏسو.