ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سخت مهانگائي باوجود شگر ملز مافيا پنهنجي مرضي هلائي رهي آهي ۽ حڪومت ان اڳيان بي وس آهي.
ڪراچي ۾ في ڪلو کنڊ جو اگهه 180 رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي، ذريعن موجب شگر ملز مافيا پنهنجي مفاد لاءِ سرگرم آهي، جنهن سستي کنڊ ٻاهرئين ملڪ موڪلي اربن جو منافعو ڪمايو، 8 لک ٽن کنڊ رڳو افغانستان موڪلي وئي.
ٻاهرئين ملڪ موڪلڻ تي پاڪستان ۾ کنڊ جي کوٽ ٿي وئي ۽ ان سبب اگهن ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي.
منافعي خور مافيا ملڪ ۾ موجود کنڊ جو اگهه وڌائي به ڪروڙين رپيا منافعو ڪمائي رهي آهي، کنڊ جو اگهه وڌڻ جو سبب ذخيري اندوزي، سٽي بازي ۽ سمگلنگ آهي.
You might also like