حليم عادل شيخ سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ حليم عادل شيخ کي پوليس سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران گرفتار ڪري ورتو.
وڪيلن پوليس کان گرفتاري وارنٽ گهريا ته پوليس وارنٽ ڏيکارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليس حليم عادل شيخ کي وين ۾ وجهي رواني ٿي وئي.
پوليس ذريعن موجب حليم عادل شيخ کي درخشان ٿاڻي منتقل ڪيو ويندو، پي ٽي آءِ اڳواڻ اوڀر ضلعي ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه جي ڪيسن ۾ گهربل آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ جي وڪيلن چيو ته حليم عادل شيخ جي گرفتاري عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي آهي، گرفتاري خلاف سڀاڻي عدالت سان رابطو ڪيو ويندو، پوليس خلاف توهين عدالت جي درخواست ڏني ويندي.
واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف اڳواڻ حليم عادل شيخ جي عبوري ضمانت 7 ڏينهن لاءِ منظور ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.