پاڪستان، افغانستان کي وائيٽ واش ڪري ون ڊي رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن تي اچي ويو

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ افغانستان کي 59 رنسن تان شڪست ڏئي نه رڳو سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو پر ون ڊي رينڪنگ ۾ به پهرين پوزيشن ماڻي ورتي.
ڪولمبو ۾ پاڪستان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 268 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان محمد رضوان 67 ۽ ڪپتان بابر اعظم 60 رنسن جي شاندار کيڏي، آغا سلمان 38، محمد نواز 30، فخر زمان 27 رنسن سان اڳڀرا رهيا.

افغانستان جي گلبدين نائب ۽ فريد خان 2-2 شڪار ڪيا، جڏهن ته فاروقي، مجيب الرحمان ۽ راشد خان هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ افغانستان جي ٽيم 48.4 اوورن ۾ 209 رنسن تي ڍير ٿي وئي، مجيب الرحمان 64، شاهد الله 37، رياض حسن 34 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا.
پاڪستان طرفان شاداب خان 3، شاهين آفريدي، فهيم اشرف ۽ محمد نواز 2-2، آغا سلمان هڪ وڪيٽ ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.