سارا علي خان فوٽوگرافر تي ڇو ڪاوڙجي پئي؟ وڊيو وائرل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي اڀرندڙ اداڪارا سارا علي خان ميڊيا طرفان گھڻي ڪوريج ڪرڻ تي فوٽوگرافر مٿان ڪاوڙجي پئي.
ڪڏهن مندر ۾ ته ڪڏهن فلم ۾ جاندار اداڪاري سبب بحث جو موضوع رهندڙ اداڪارا سارا علي خان هڪ ڀيرو وري ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي. پر هن ڀيري شهر جو سبب سندس فلم ناهي پر سوشل ميڊيا تي وائرل هڪ وڊيو ڪلپ آهي جنهن کيس ڪاوڙ ۾ ڏسي سگھجي ٿو. انسٽاگرام بيچ طرفان سامهون آيل وڊيو ڪلپ ۾ سارا علي خان کي اڇي لباس ۾ ڏٺو ويو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Koimoi.com (@koimoi)

وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته اداڪارا خوشگوار موڊ ۾ ٿيٽر ۾ موجود آهي ۽ اوچتو ميڊيا جي گھڻي ڪوريج تي اتي موجود فوٽوگرافر تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪيمرا بند ڪرڻ جي اشارو ڏيندي نظر اچي رهي آهي. وڊيو سامهون ايندي ئي مداحن طرفان اداڪارا جي ان عمل مليل جليل تبصرا ڪيا پيا وڃن. ڪو ان کي ساراهي رهيو آهي ته ڪو تنقيد ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.