هڪ پاسي آئيني ذميواري ٻئي پاسي پارٽي جو دٻاءُ، صدر علوي ڦاسي پيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي جي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل بابت ٽوئيٽ کان اڳ سيڪريٽري وقار احمد سان ڪيل مبينا گفتگو سامهون اچي وئي.

ايوان صدر جي ذريعن موجب صدر پنهنجي سيڪريٽري سان گفتگو ۾ چيو مون کي خبر آهي ته بل جي منظوري ۾ توهان جو ڪو ڏوهه ناهي پر مون تي پارٽي جو تمام گهڻو دٻاءُ آهي.

ذريعن موجب سيڪريٽري طرفان صدر کي موڪليل فائل واپس ئي نه آيا، جڏهن ته ڊاڪٽر عارف علوي آچر تي منجهند هڪ لڳي 45 منٽن تي بل جي منظوري بابت خدشن تي ٻڌل ٽوئيٽ ڪيو.

ٽوئيٽ کانپوءِ ايوان صدر جي ”انٽرنل ونگ“ ٻئي قانون شام 5 وڳي وزيراعظم آفيس موڪليا، جڏهن ته ان کان اڳ صدر پنهنجي چيمبر مان ٻئي بل بند لفافي ۾ وزيراعظم آفيس کي موڪليا.

واضح رهي ته وقار احمد صدر عارف علوي کي خط لکي جبري طور هٽائڻ ۽ الزامن تي خدشن جو اظهار ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.