شفاف چونڊن لاءِ نيون تڪ بنديون لازمي آهن: اليڪشن ڪميشن

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن نين تڪ بندين بابت لکت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نئين مردم شماري کانپوءِ آبادي ۾ وڏي پئماني تي تبديلي ٿي، شفاف چونڊن لاءِ نيون تڪ بنديون لازمي آهن.

اليڪشن ڪميشن جو ٽن صفحن تي ٻڌل لکت فيصلو گڏيل آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اهو فيصلو آئين جي آرٽيڪل 218 تحت ڪيو ويو آهي، نئين مردم شماري کانپوءِ آبادي ۾ وڏي پئماني تي تبديلي ٿي.

اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ستين مردم شماري کانپوءِ 20 هزار 85 نوان سينس بلاڪ وڌيا ۽ ڪجهه ۾ تبديليون ٿيون، مردم شماري کانپوءِ ووٽر لسٽن ۾ ووٽرن کي شامل ڪرڻ ضروري آهي، ووٽر لسٽ ۾ حقيقي نمائندگي اليڪشن ڪميشن جي بنيادي آئيني ذميواري آهي، شفاف چونڊن لاءِ نيون تڪ بنديون لازمي آهن.

اليڪشن ڪميشن لکت فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلن جو به حوالو ڏنو ۽ چيو ته نين تڪ بندين، تازي چونڊ فهرست بنا پارليامينٽ ۾ حقيقي نمائندگي ممڪن نه هوندي، چونڊن کان اڳ غلطين کان پاڪ ووٽر لسٽ ۽ تازيون تڪ بنديون لازمي آهن، نين تڪ بندين جو فيصلو اميدوارن، سياسي جماعتن ۽ ووٽرن جي بنيادي حق جي تحفظ لاءِ ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.