رت پوري ۽ صحت سُٺي هئڻ باوجود ٿڪاوٽ ڇو؟ ”فريٽن“ ٽيسٽ ڪرايو ۽ اپاءَ وٺو!

عام طور تي جڏهن ماڻهو سخت ٿڪاوٽ، اونگه يا وار ڇڻڻ جي شڪايت کڻي ڊاڪٽر وٽ وڃن ٿا ته هيموگلوبن جو رت وارو جائزو ڪرايو ويندو آهي، پر صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته رڳو هيموگلوبن جي رپورٽ نارمل هجڻ سان جسم ۾ آئرن جي صحيح صورتحال جو اندازو نٿو لڳائي سگهجي.

فيريٽن هڪ قسم جو پروٽين آهي، جيڪو جسم جي خلين ۾ آئرن ذخيرو ڪري رکي ٿو. جڏهن جسم ۾ آئرن جي کوٽ شروع ٿيندي آهي ته هيموگلوبن گهٽجڻ کان گهڻو اڳ فيريٽن جو ذخيرو ختم ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي.

فيريٽن جي کوٽ جون خاموش نشانيون بنا ڪنهن سبب جي لڳاتار ٿڪاوٽ، سستي، چمڙي جو ڦڪو يا بي رونق نظر اچڻ، حد کان وڌيڪ وار ڇڻڻ ۽ ڌيان مرڪوز ڪرڻ ۾ ڏکيائي آهن.

رڳو آئرن واريون غذائون يا گوريون کائڻ ڪافي ناهي، پر اهو به ڏسڻ ضروري آهي ته جسم آئرن کي جذب ڪري رهيو آهي يا نه.

آئرن جي بهتر جذب لاءِ وٽامن سي ۽ ٽامي يا پروٽين سان ڀرپور غذائون خوراڪ ۾ شامل ڪرڻ گهرجن.

ماهرن صلاح ڏني آهي ته چانهه يا ڪافي کاڌي کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ جي وقفي سان پيئڻ گهرجي، جيئن آئرن جي جذب ۾ رڪاوٽ نه پوي. ان کانسواءِ ڊاڪٽر جي صلاح کانسواءِ پاڻمرادو آئرن جون اضافي دوائون شروع ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

You might also like