مسئلن جو حل لانگ مارچ نه، ڳالهين ۾ آهي: رانا ثناءُ الله

وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن واري صلاحڪار سينيٽر رانا ثناءُالله چيو آهي ته مسئلن جو حل لانگ مارچ ۾ نه، ڳالهين ۾ آهي.

خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي رانا ثناءُالله چيو ته وزيراعظم ٽي ڀيرا ڳالهين جي دعوت ڏئي چڪو آهي، ٻڌايو وڃي ته ويهي ڳالهه ٻولهه ڇو نٿي ڪئي وڃي؟

هن چيو ته کيس گرفتارين بابت ڪا ڄاڻ ناهي، سياسي ڌرين کي ويهي ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ گهرجن، مسئلن جو حل لانگ مارچ ۾ نه پر ڳالهين ۾ آهي.

وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار وڌيڪ چيو ته جنيد اڪبر جيڪو ڪجهه چيو، ان کي رد نٿو ڪريان، پر مون وٽ گرفتارين بابت ڪا ڄاڻ ناهي.

سندس چوڻ هو ته سياسي ڌرين کي مسئلن بابت گڏ ويهي ڳالهائڻ گهرجي، وزيراعظم ٽي ڀيرا مخالف ڌر جي بينچن وٽ وڃي چئي چڪو آهي ته ويهي ڳالهه ٻولهه ڪريو.

هن چيو ته شهباز شريف اهو به چيو آهي ته مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ويهي ڳالهه ڇو نٿي ڪئي وڃي، اسان جي يا وزيراعظم جي ڳالهين واري آڇ ۾ ڪا کوٽ آهي يا ٻئي ڌر کي ڪو مسئلو آهي.

رانا ثناءُالله چيو ته سياسي ڌرين کي پاڻ ۾ ويهي ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ گهرجن، جڏهن ته 27 سيپٽمبر واري احتجاج بابت ڪجهه ڳالهيون سامهون اچي رهيون آهن.

You might also like