”اهي غدار آهن“! خالد مقبول صديقي جو نون صوبن لاءِ روڊن تي نڪرڻ جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جي چيئرمين خالد مقبول صديقي سڄي ملڪ ۾ نون صوبن جي قيام لاءِ روڊن تي نڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ڪراچي ۾ عورتن جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي خالد مقبول چيو ته ڪراچي ۽ لاهور سميت سڄي ملڪ ۾ نوان صوبا قائم ٿيڻ گهرجن، نون صوبن جو مطالبو سندن منشور ۾ شامل آهي.

هن چيو ته ايوانن هجن يا جلسا، هر هنڌ صوبن جي ڳالهه ڪئي آهي، هاڻي روڊن تي نڪرنداسين. جتي آبادي وڌيڪ آهي، اتي صوبا قائم ٿيڻ گهرجن.

ايم ڪيو ايم چيئرمين وڌيڪ چيو ته متحده پهرين ڏينهن کان هڪ آهي ۽ هڪ ئي رهندي، ايندڙ هفتي روڊن تي نڪرنداسين ۽ عورتون به ساڻ هونديون.

سندس چوڻ هو ته صوبن جي ورهاست وارو معاملو مخالف ڌر پاڻ کڻي آئي آهي، جيڪي صوبن جي ورهاست تي غداري جا نعرا هڻن ٿا، اهي پاڻ غدار آهن.

You might also like