ايشيا ڪپ کٽڻ کانپوءِ ڀارتي عورتن جي ٽيم به مردن جي ٽيم جي نقش قدم تي هلندي ٽرافي بابت تڪرار پيدا ڪري ڇڏيو ۽ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر محسن نقوي کان ٽي-20 ايشيا ڪپ جي ٽرافي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ڀارتي عورتن جي ٽيم فائنل ۾ دفاعي چيمپئن سري لنڪا کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ ٽرافي وٺڻ جي معاملي تي ضد جو مظاهرو شروع ڪري ڇڏيو.
ڀارتي عورتن جي ٽيم ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) جي صدر ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي کان ٽرافي وٺڻ کان انڪار ڪيو.
محسن نقوي سميت اي سي سي جا ٻيا عهديدار اختتامي تقريب لاءِ اسٽيج تي موجود آهن، جڏهن ته ڀارتي ٽيم اڃا تائين ڊريسنگ روم مان واپس ناهي آئي.
دبئي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ عورتن جي ايشيا ڪپ جي انعام ورهائڻ واري تقريب لاءِ اسٽيج تيار ڪيو ويو آهي.