ڪراچي: رينجرز ۽ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، فتنا الخوارج سان لاڳاپيل دهشتگرد مارجي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي علائقي گلبائي شيرشاهه ۾ ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي رينجرز ۽ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي دوران فتنه الخوارج سان لاڳاپيل هڪ دهشتگرد مارجي ويو.

رينجرز ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگرد ضياءَ الرحمان عرف سيف الله وٽان هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو.

ترجمان ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگرد جو تعلق خيبرپختونخوا جي علائقي باجوڙ سان هو ۽ هن 2006ع ۾ فتنه الخوارج ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي.

ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگرد افغان سرحد سان لاڳاپيل پاڪستاني چوڪين تي ڪيترن ئي حملن ۾ ملوث رهيو.

رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته ضياءَ الرحمان تازو ئي افغانستان مان ڪراچي منتقل ٿيو هو ۽ هتان دهشتگرد ڪاررواين لاءِ پنهنجو نيٽ ورڪ منظم ڪري رهيو هو.

You might also like