عرب ميڊيا موجب يمن جي حوثي تنظيم انصارالله ڳاڙهي سمنڊ ۾ موجود اسٽريٽجڪ ٻيٽ ميون تي قبضو ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
انصارالله جي دعويٰ موجب ٻيٽ ميون تي قبضي کانپوءِ باب المندب تي به حوثين جو مڪمل ڪنٽرول ٿي ويو آهي. ان کان هڪ ڏينهن اڳ به انصارالله باب المندب سامونڊي لنگهه تي پنهنجي گرفت مضبوط ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.
انصارالله سعودي عرب جي حمايت يافته فوجن جي استعمال هيٺ آمريڪي تيار ڪيل هٿياربند ٽينڪ تي به قبضو ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته انصارالله سعودي حمايت يافته فوجن کي 5 هزار 400 چورس ڪلوميٽرن جي علائقي مان پوئتي هٽائڻ جي به دعويٰ ڪئي آهي.
انصارالله دعويٰ ڪئي آهي ته قبضي هيٺ آيل علائقي مان لکين ڊالرن جو فوجي سامان پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.