بلوچستان: ڪوئلي جي کاڻ ۾ حادثو، چار مزدور فوت ٿي ويا

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي هرنائي ۾ شاهرگ جي ڪوئلي جي کاڻ ۾ ميٿين گئس ڀرجي وڃڻ سبب 4 کاڻيندڙ فوت ٿي ويا.

پوليس موجب پي ايم ڊي سي جي ڪوئلي جي کاڻ نمبر 151 مان 4 کاڻيندڙن جا لاش ڪڍيا ويا آهن.

چيف مائنز انسپيڪٽر عاطف علي موجب فوت ٿيل چئني کاڻيندڙن جا لاش ۽ زخمي ٿيل ٻن ڄڻن کي متاثر ٿيل کاڻ مان ٻاهر ڪڍيو ويو آهي.

عاطف علي وڌيڪ ٻڌايو ته ڪوئلي جي کاڻ ۾ ميٿين گئس ڀرجي وڃڻ سبب ڌماڪو ٿيو.

چيف مائنز انسپيڪٽر موجب حادثي ۾ فوت ٿيل چئني کاڻيندڙن جو واسطو خيبرپختونخوا جي علائقي دير سان هو.

You might also like