14 نئين ڄاول ٻارن جي فوت ٿيڻ جو واقعو تاريخ جو بدترين سانحو آهي: بلاول پاران پمز سانحي تي افسوس جو اظهار

پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد جي پمز اسپتال ۾ پيش آيل سانحي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

بلاول ڀٽو چيو ته مائرون پنهنجا ٻار 9 مهينا پيٽ ۾ ڪنهن جي لاپرواهي جو شڪار ٿيڻ لاءِ نه ٿيون پالين.

هن چيو ته 14 نون ڄاول ٻارن جي فوت ٿيڻ انساني تاريخ جو بدترين سانحو آهي.

بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته جن ٻارن جي اميدن جا ڏيئا روشن ٿيڻ سان ئي وسائي ڇڏيا ويا، انهن جا بي وس ماءُ پيءُ انصاف گهري رهيا آهن.

You might also like