وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي سانحي پمز جي جاچ ڪميٽي جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، رٽائرڊ وفاقي سيڪريٽري شاهد خان کي جاچ ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي.
ميجر جنرل (ر) ڊاڪٽر خورشيد اتر ڪميٽي جو ميمبر هوندو، جڏهن ته ڊاڪٽر بيرسٽر نبيــل اعوان ۽ ڊي سي اسلام آباد پڻ ڪميٽي جا ميمبر هوندا. جاچ ڪميٽي جا ضابطا ۽ ذميوارين جا تفصيل پڻ جاري ڪيا ويا آهن.
ڪميٽي واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي لاپرواهي ۽ ذميواري جو تعين ڪندي، جڏهن ته مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ سڌارن بابت سفارشون پڻ تيار ڪندي.
ڪميٽي ٻن ڏينهن اندر عبوري ۽ پنجن ڏينهن اندر مڪمل رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪندي.
نوٽيفڪيشن موجب جاچ ڪميٽي باهه لڳڻ جو سبب ۽ واقعي جي سموري ٽائيم لائين جو تعين ڪندي، جڏهن ته واقعي دوران اسپتال، فائر برگيڊ ۽ ريسڪيو عملي جي ڪارروائي جو پڻ جائزو ورتو ويندو.