ڪشمير جو فيصلو ڪشميري ئي ڪندا، ووٽ تي ڌاڙا هڻڻ نه ڏينداسين: بلاول ڀُٽو زرداري

مظفرآباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪنهن کي به پنهنجي ووٽ ۽ جمهوري حق تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين، ڪشمير جو فيصلو رڳو ڪشميري ئي ڪندا ۽ ڪشمير جي مسئلن جو حل پيپلزپارٽي وٽ موجود آهي.

پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وٽن 30 پولنگ اسٽيشنن تي قبضي جا ثبوت موجود آهن، تنهن ڪري ڪنهن کي به عوام جي ووٽ تي ڌاڙو هڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

هن چيو ته ڪشميري ان سياسي پارٽي کان نفرت ڪن ٿا، جنهن جو هڪ وزير راولاڪوٽ جي رهواسين کي ڪشميري مڃڻ کان انڪار ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته ڪشمير جي هاڻوڪي صورتحال جو حل پيپلزپارٽي وٽ آهي.

بلاول ڀٽو زرداري مطالبو ڪيو ته سڀئي ڌريون گڏجي سچ ۽ مفاهمتي ڪميشن قائم ڪن، جيڪا واقعن جي جاچ ڪري. هن چيو ته سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي اهو طئي ڪرڻ گهرجي ته جاچ مڪمل ٿيڻ ۽ رپورٽ اچڻ تائين وڌيڪ احتجاج نه ڪيو وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪميشن جي جاچ ۾ آزاد ڪشمير جو وزيراعظم ذميوار قرار ڏنو وڃي ته پيپلزپارٽي احتساب لاءِ تيار آهي.

پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته مظفرآباد جي عوام لاءِ انٽرنيٽ سروس فوري طور بحال ڪئي وڃي، جڏهن ته جن پولنگ اسٽيشنن تي قبضي جون شڪايتون آهن، اتي ووٽنگ جو تناسب 99 سيڪڙو رهيو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چوڌري ياسين کي اسيمبلي جو اجلاس ٿيڻ کان اڳ سندس سيٽ ڏيارينداسين، جڏهن ته پيپلزپارٽي جي ٻين اميدوارن کي به نئين اسيمبلي ٺهڻ کان اڳ سندن حق ڏياريو ويندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته چونڊن جي ٻئي مرحلي کان اڳ سندن شڪايتن تي ڌيان ڏنو ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته تشدد ۽ بندوق جي زور تي چونڊون کٽيندڙن کان عوام نفرت ڪري ٿو، تنهن ڪري چونڊن جي ٻئي مرحلي کان اڳ پيپلزپارٽي جا مطالبا قبول ڪيا وڃن.

You might also like