اي آءِ ايجنٽ پاڻمرادو طور ڪيترين ئي ڪمپنين کي هيڪ ڪري ورتو: اوپن اي آءِ جو اعتراف

چيٽ جي پي ٽي تيار ڪندڙ ڪمپني اوپن اي آءِ انڪشاف ڪيو آهي ته جاچ دوران آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) تي ٻڌل هڪ خودڪار ايجنٽ پروگرامرن جي مشهور پليٽفارم هيگنگ فيس سميت وڌيڪ چئن ڪمپنين جي آن لائين نظام تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي.

هن کان اڳ جولاءِ جي شروعاتي ڏينهن ۾ اوپن اي آءِ ٻڌايو هو ته سندس ٻن جديد اي آءِ ماڊلن پاڻمرادو هگنگ فيس جي نظام تائين رسائي حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي هئي.

ڪمپني موجب، تازو متعارف ڪرايل جي پي ٽي 5.6 سول ۽ هڪ ٻئي اڃا جاري نه ڪيل جديد ماڊل تي ٻڌل خودڪار اي آءِ ايجنٽ ٽيسٽ دوران مقرر ڪيل محدود ماحول مان نڪري کليل انٽرنيٽ تائين پهچي ويو.

اوپن اي آءِ پنهنجي نئين بيان ۾ چيو آهي ته اي آءِ ايجنٽ محدود ٽيسٽنگ ماحول کان ٻاهر نڪري انٽرنيٽ سان ڳنڍجي ويو ۽ مختلف ويب سروسز تائين رسائي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

تحقيق دوران خبر پئي ته ايجنٽ انٽرنيٽ تان ڪجهه ڪمپنين جي لاگ اِن ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ ڪجهه اڪائونٽن تائين پهچڻ ۾ به ڪامياب ٿيو.

اوپن اي آءِ متاثر ٿيندڙ ڪمپنين جا نالا ظاهر نه ڪيا آهن، جڏهن ته ان واقعي کانپوءِ سيڪيورٽي ٽيسٽنگ عارضي طور روڪي وئي آهي ۽ اي آءِ نظامن جي حفاظتي انتظامن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو پيو وڃي.

ڪمپني جو چوڻ آهي ته اي آءِ ايجنٽ اهي سڀ قدم بنا ڪنهن انساني مدد جي کنيا.

اوپن اي آءِ موجب، ٻين چئن ڪمپنين سان لاڳاپيل سرگرميون ايتريون سنگين نه هيون، جيتريون هيگنگ فيس جي معاملي ۾ ڏٺيون ويون.

اي آءِ ڪمپنين کي چپس تائين رسائي فراهم ڪندڙ ڪمپني ماڊل ليبز موجب، ان اي آءِ ايجنٽ هڪ واهپيدار طرفان لکيل ڪوڊ استعمال ڪيو.

هيگنگ فيس جي شريڪ باني ڪليمينٽ ڊيلانگي ڪجهه ڏينهن اڳ چيو هو ته شروعات ۾ کين شڪ هو ته ڪنهن فرنٽيئر ليب ان حملي جي پويان آهي، پر سندن خيال آهي ته اوپن اي آءِ جو ارادو خراب نه هو.

هن چيو ته اها حيران ڪندڙ حقيقت آهي ته هڪ اي آءِ ايجنٽ اهو سڀ ڪجهه پاڻمرادو ڪيو، ۽ پنهنجي نوعيت جو اهو پهريون واقعو آهي.

هاڻي هگنگ فيس جو چوڻ آهي ته ايجنٽ پاڻمرادو سندن نظام تائين فريب واري طريقي سان رسائي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

ڪمپني موجب، ايجنٽ جو اهو رويو حقيقي ۽ ڳڻتي جوڳو آهي، ڇاڪاڻ ته هن نظام جي موجود خامين مان فائدو وٺندي رسائي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

You might also like