ايڪويهين صدي جي شروعات ۾ پرسنل ڪمپيوٽر، گهرن ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائل فون عام ماڻهن تائين پهچي ويا، پر ان وقت شايد ئي ڪنهن سوچيو هجي ته ڪجهه ئي سالن ۾ اهي سڀئي سهولتون هڪ ئي ڊوائيس ۾ گڏ ٿي وينديون.
اها ڊوائيس اڄ اسان جي هٿن ۾ موجود اسمارٽ فون آهي، جيڪو ٽارچ، بئنڪنگ، موسم جي اڳڪٿي، فٽنيس ٽريڪنگ، رابطن ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪمن لاءِ استعمال ٿئي ٿو.
اسمارٽ فون جي وڏي خوبي اها آهي ته اهو وقت سان گڏ نيون سهولتون پاڻ ۾ شامل ڪندو رهي ٿو ۽ ڏکئي ٽيڪنالاجي هجڻ باوجود استعمال ۾ انتهائي آسان آهي.
انهيءَ ترقي سبب ڪيترائي اهڙا اوزار، جيڪي ڪنهن وقت ۾ تمام گهڻا مشهور هئا، هاڻي لڳ ڀڳ استعمال مان ئي نڪري ويا آهن.
لينڊ لائين فون
اسمارٽ فون اچڻ کانپوءِ سڀ کان پهرين لينڊ لائين فونن جي اهميت گهٽجي وئي. ڪجهه ڏهاڪا اڳ تقريبن هر گهر ۾ لينڊ لائين هوندي هئي، پر هاڻي اسمارٽ فون ۽ ان ۾ موجود ڪالنگ ايپس سبب ان جي ضرورت نه رهي آهي.
ڊجيٽل ڪئميرا
2008ع کان 2021ع تائين ننڍن ڊجيٽل ڪئميرائن جي وڪري ۾ 97 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي آئي آهي. ان جو وڏو سبب اهو آهي ته اڄ هر اسمارٽ فون اعليٰ معيار جي ڪئميرا سان ليس آهي، جيڪا هر سال وڌيڪ بهتر ٿيندي پئي وڃي.
ڪيلڪيوليٽر
ڪو وقت هو جو اليڪٽرانڪ پاڪيٽ ڪيلڪيوليٽر تمام اهم اوزار هوندو هو، پر هاڻي هر اسمارٽ فون ۾ ڪيلڪيوليٽر موجود آهي، جيڪو عام توڙي ڏکيا حساب سولائيءَ سان ڪري سگهي ٿو.
الارم ڪلاڪ
ماضي ۾ صبح جاڳڻ لاءِ الارم ڪلاڪ وڏي پيماني تي استعمال ٿيندا هئا، پر هاڻي اسمارٽ فونن ۾ موجود الارم، مختلف رنگ ٽونز، آواز ۽ ٻين سهولتن سبب الڳ الارم ڪلاڪ جي ضرورت تقريبن ختم ٿي وئي آهي.
واڪي ٽاڪي
واڪي ٽاڪي اڳ ڪيترن ئي ادارن ۽ آفيسن ۾ رابطي لاءِ استعمال ٿيندي هئي، پر هاڻي اسمارٽ فون، گروپ چيٽ ۽ وائيس ڪال جهڙين سهولتن سبب ان جي جاءِ والاري ورتي آهي.
ايم پي ٿري پليئر
اسمارٽ فون کان اڳ گانا ٻڌڻ لاءِ ايم پي ٿري پليئر تمام گهڻو مقبول هو، پر هاڻي ماڻهو نه رڳو فون ۾ موسيقي محفوظ ڪري سگهن ٿا، پر مختلف ايپس ذريعي آن لائين به گانا ٻڌي سگهن ٿا.
ريڊيو
هڪ وقت ۾ ريڊيو وندر ۽ خبرن جو اهم ذريعو هو، پر هاڻي اسمارٽ فون ذريعي آن لائين ريڊيو اسٽيشنون ٻڌڻ ممڪن ٿي ويو آهي، جنهن سبب روايتي ريڊيو جي اهميت گهٽجي وئي آهي.
سي ڊيز
2002ع ۾ ڪمپيڪٽ ڊسڪ (سي ڊي) پنهنجي عروج تي هئي، پر هاڻي آن لائين اسٽريمنگ ۽ ڊجيٽل اسٽوريج سبب سي ڊيز جو استعمال تقريبن ختم ٿي چڪو آهي.
جي پي ايس ڊوائيس
اڳ گاڏين ۾ الڳ جي پي ايس ڊوائيس لڳائي ويندي هئي، پر هاڻي هر اسمارٽ فون ۾ جي پي ايس سينسر موجود آهي، جيڪو گوگل ميپس ۽ ٻين نيويگيشن سروسز ذريعي منزل تائين پهچڻ ۾ مدد ڏئي ٿو.
فيچر فون يا سادو موبائل
سادا موبائل فون به هڪ وقت ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي علامت سمجهيا ويندا هئا، پر اسمارٽ فونن جي تيزي سان واڌ سبب اهي هاڻي تقريبن مارڪيٽ مان غائب ٿي چڪا آهن.