عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 4 هزار ڊالر في اونس کان هيٺ اچي ويو، پاڪستان ۾ به وڏي گهٽتائي
عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي في اونس قيمت 4 هزار ڊالر کان هيٺ اچي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پاڪستان ۾ به في تولو سون جي قيمت ۾ وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 36 ڊالر گهٽجي 3 هزار 994 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي.
اهڙي طرح ملڪ ۾ في تولو سون جي قيمت 3 هزار 600 رپيا گهٽجي 4 لک 21 هزار 836 رپيا ٿي وئي آهي.
ايسوسيئيشن موجب 10 گرام سون جي قيمت ۾ به 3 هزار 86 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ اها 3 لک 61 هزار 656 رپيا ٿي وئي آهي.