آمريڪي حملن ۾ 38 ڄڻا ايران شهري شهيد ۽ 400 کان وڌيڪ زخمي ٿيا: صحت واري وزارت

تهران(ويب ڊيسڪ)ايران جي صحت واري وزارت چيو آهي ته 22 جون کان آمريڪا سان ٻيهر شروع ٿيل جهيڙن کانپوءِ هينئر تائين گهٽ ۾ گهٽ 38 ڄڻا شهيد ۽ 400 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.

وزارتِ صحت جي ترجمان حسين ڪرمانپور سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته شهيدن ۾ 3 عورتون شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ 22 عورتون ۽ 18 سالن کان گهٽ عمر جا 9 ٻار شامل آهن.

You might also like