عمان جي سامونڊي ڪناري ويجهو آئل ٽينڪر تي پروجيڪٽائل حملو

سامونڊي واپار جي نگراني ڪندڙ برطانوي اداري ٻڌايو آهي ته عمان جي سامونڊي ڪناري ويجهو هڪ آئل ٽينڪر کي اڻڄاتل پروجيڪٽائل سان نشانو بڻايو ويو، جنهن سبب جهاز کي معمولي نقصان پهتو.

فرانسيسي خابرو اداري اي ايف پي موجب يو ڪي ميري ٽائيم ٽريڊ آپريشن پنهنجي بيان ۾ چيو ته اهو واقعو رات جي وقت پيش آيو.

برطانوي اداري موجب واقعي کانپوءِ جهاز جو سمورو عملو محفوظ رهيو.

You might also like