من موهڻي اداڪارا رمشا خان ساٿي اداڪار خوشحال خان سان شادي جي تصديق ڪري ڇڏي.
گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان اداڪارن جي شادي جون خبرون سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيون هيون، جڏهن ته ڪجهه مشهور شخصيتن به ٻنهي جي شادي جي دعويٰ ڪئي هئي.
هاڻ اداڪارا رمشا خان انسٽاگرام تي اسٽوري شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ هن شادي جي تصديق ڪندي تصويرون وائرل ڪندڙن تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
رمشا لکيو ته اسان جون تصويرون اسان جي مرضي بنا ليڪ ڪيون ويون ۽ انهن کي شيئر ڪيو پيو وڃي، اهو اخلاق جي ابتڙ آهي، جيڪي پيج تصويرون شيئر ڪري رهيا آهن، اهي ائين نه ڪن، ڇو ته اهو توهان لاءِ ڪو مواد ناهي.
هن چيو ته مان سدائين پنهنجي ذاتي زندگي کي پاڻ تائين محدود رکيو آهي ۽ هاڻ به ائين ئي ڪنديس.
اداڪارا چيو ڇو ته مان زندگي جي نئين سفر ۾ داخل ٿي رهي آهيان ته اميد ڪيان ٿي اسان جون شيئر ڪيل سموريون تصويرون ڊليٽ ڪيون وينديون ۽ ٻيهر ڪڏهن پوسٽ نه ڪيون وينديون.
سندس چوڻ هو ته هيءَ اسان جي زندگي آهي، توهان جي هيڊ لائنز ناهي، عزت ڪيو ۽ اسان کي اڪيلو ڇڏي ڏيو، باقي وقت اچڻ تي سڀني کي ٻڌايو ويندو.
Prev Post
You might also like