لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته برطانيا آمريڪي صدر طرفان آبناءِ هرمز جي ناڪابندي ۾ شامل نه ٿيندو.
هڪ بيان ۾ برطانوي حڪومت جي ترجمان چيو ته آبناءِ هرمز کليل رکڻ جي حمايت ڪيون ٿا، اهو قدم نه رڳو عالمي معيشت لاءِ ضروري آهي پر برطانيا اندر مهانگائي جي دٻاءَ کي گهٽائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو.
ترجمان چيو ته آبناءِ هرمز تي ڪنهن به قسم جو ٽول يا فيس لاڳو نه ٿيڻ گهرجي، ڇو ته ان سان عالمي واپار متاثر ٿي سگهي ٿو، اسان فرانس ۽ ٻين ڀائيوارن سان آزاد سامونڊي واپار جي تحفظ لاءِ وڏو اتحاد ٺاهڻ تي ڪم ڪري رهيا آهيون.
آبناءِ هرمز جي ناڪابندي: برطانيا هڪ ڀيرو آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو
You might also like