لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف جنگبندي ۾ پاڪستان جي بهترين سفارتڪاري تي وزيراعظم، فيلڊ مارشل ۽ پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني آهي.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ نواز شريف چيو ته شهباز شريف، اسحاق ڊار ۽ سيد عاصم منير جي سفارتي ڪوششن کي دل جي گهرائين سان ساراهيان ٿو، جن هڪ وڏي عالمي بحران کي ٽارڻ، ايران ۽ آمريڪا ۾ جنگبندي کي ممڪن بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
هن چيو ته ايران ۽ آمريڪا جي قيادت کي به امن جو رستو اختيار ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو ۽ دعاڳو آهيان ته اهو قدم عالمي استحڪام ڏانهن هڪ بامعنيٰ اڳڀرائي ثابت ٿئي.
You might also like