اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس ٿيو.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ميمبرن تاڙيون وڄائي وزيراعظم جي آجيان ڪئي، اجلاس دوران سمورن ڪابينا ميمبرن کي مٺائي کارائي وئي.
ذريعن موجب جمعي کي شڪراني جي ڏينهن طور ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، قوم کي ڳالهين جي ڪاميابي لاءِ خاص دعائون ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي.
ذريعن ٻڌايو ته وزيراعظم فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪيو، فيلڊ مارشل عاصم منير لاءِ پڻ ڪابينا ميمبرن تاڙيون وڄايون، جڏهن ته ميمبرن وزيراعظم کي به واڌايون ڏنيون.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو وقار دنيا ۾ بلند ٿيو آهي، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.
شهباز شريف چيو ته الله پاڪستان جو وقار بلند ڪيو آهي، جنگ بندي جو پهريون مرحلو ڪاميابي سان مڪمل ٿيو آهي، جمعي ڏينهن ڳالهين جو ايندڙ مرحلو به ڪامياب ٿيندو.
وفاقي ڪابينا اجلاس، جنگبندي ڪوششن تي فيلڊ مارشل کي خراج، شڪراني جو ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو
Prev Post
You might also like