راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي پاران پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي لياقت باغ ۾ جلسي لاءِ اين او سي جي درخواست رد ڪئي وئي آهي.
اين او سي جاري نه ڪرڻ بابت پي ٽي آءِ راولپنڊي جي جنرل سيڪريٽري عاقل خان کي باقاعدي طور آگاهه ڪيو ويو.
ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي موجب امن امان جي موجوده صورتحال ۽ سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي ضلعي انٽيليجنس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ان معاملي تي غور ڪيو ويو، جنهن ۾ موجوده خطري جي نوعيت کي ڏسندي چيو ويو ته عوامي ميڙاڪن ۾ شرڪت ڪندڙن جي جان ۽ مال کي خطرا پيش اچي سگهن ٿا.
ڊي سي موجب راولپنڊي ۾ قلم 144 پڻ لاڳو آهي، لياقت باغ جي سيڪيورٽي ڪليئرنس لاءِ حفاظتي وسيلن جي وڏي پيماني تي مقرري حڪومتي بچت پاليسي تحت ممڪن ناهي.
انتظاميا موجب موجوده حالتن ۾ عوامي ميڙاڪي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ انتظامي، لاجسٽڪ ۽ مالي ضرورتن کي پورو ڪرڻ هڪ چئلينج آهي، تنهن ڪري ضلعي انٽيليجنس ڪميٽي جي گڏيل فيصلي جي روشني ۾ جلسي لاءِ اجازت نٿي ڏئي سگهجي.
You might also like