سنڌ ۾ هيٽ ويو جو خطرو، الرٽ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف حصن ۾ 11 اپريل کان هيٽ ويو جي خطري سبب الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.
اين ڊي ايم اي سنڌ ۽ پنجاب جي ڏاکڻي ضلعن ۾ 11 اپريل کان سخت گرمي جي لهر بابت الرٽ جاري ڪيو آحي.
اين ڊي ايم اي موجب ايندڙ ڏينهن ۾ گرمي پد ۾ غير معمولي واڌ جو امڪان آهي، جيڪو معمول کان ڪيترا ئي درجا وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.
الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڏينهن جو گرمي پد معمول کان 5 کان 7 ڊگري وڌيڪ ۽ رات جو گرمي پد 3 کان 5 ڊگري وڌيڪ رڪارڊ ٿي سگهي ٿو.
دادو، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سخت گرمي هوندي، ڄامشوري، قمبر – شهدادڪوٽ، گهوٽڪي، خيرپور، سانگهڙ، عمرڪوٽ ۽ ڪشمور ۾ به هيٽ ويو جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
اين ڊي ايم اي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته وڌ کان وڌ پاڻي پيئن ته جيئن جسم ۾ پاڻي جي کوٽ نه ٿئي، ڏينهن جي وقت خاص ڪري منجهند جو بنا ضرورت گهرن کان ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪن ۽ ٻاهر نڪرڻ وقت هلڪي رنگ جا ڪپڙا پائين ۽ مٿو ڍڪيل رکن.
اين ڊي ايم اي لاڳاپيل صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا کي به خبردار رهڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال يا هيٽ اسٽروڪ جي ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسپتالن ۾ انتظام مڪمل رکيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.