تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي بچاءَ واري وزارت چيو آهي ته دشمن جي مڪمل سرنڊر تائين جنگ ڀرپور شدت ۽ طاقت سان جاري رکنداسين.
بچاءَ واري وزارت جي ترجمان چيو ته اڄ نار فارس ۽ عمان سمنڊ ۾ دشمن جي ڪنهن جهاز جو ڪو نشان ناهي مليو، اها اڳڀرائي ايراني قوم، ويڙهاڪن ۽ مزاحمتي محاذ جي مڪمل فتح تائين جاري رهندي.
واضح رهي ته ايران اسرائيل جي ٻن شهرن ديمونا ۽ عراد تي بيلسٽڪ ميزائل حملا ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 اسرائيلي مارجي ويا ۽ تقريبن 200 زخمي آهن.
اسرائيلي ميڊيا موجب فوج دفاعي نظام جي ناڪامي جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته اسان جو دفاعي نظام ايراني حملو نه روڪي سگهيو.
You might also like