واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي نئين وارننگ ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن 48 ڪلاڪن اندر آبناءِ هرمز کي مڪمل طور بحال نه ڪيو ويو ته سخت ردعمل ڏينداسين.
پنهنجي تازي بيان ۾ ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته آمريڪا مرحلي وار ايران جي اهم پاور پلانٽن کي نشانو بڻائي سگهي ٿو، جنهن جي شروعات وڏن بجلي گهرن کان ٿيندي، واشنگٽن ان معاملي ۾ ڪا دير برداشت نٿو ڪري سگهي.
آمريڪي صدر هڪ موقعي تي ميڊيا تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته آمريڪا ايران خلاف پنهنجا هدف حاصل ڪري چڪو آهي.
ايران 48 ڪلاڪن ۾ آبناءِ هرمز نه کوليو ته ان جا بجلي گهر تباهه ڪري ڇڏينداسين: ٽرمپ جي ڌمڪي
You might also like