سنڌ ٽوڙڻ جي سوچ خواب ۽ خيال آهي ته اهو به ڪامياب نه ٿيندو: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ کي ٽوڙڻ ۽ ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جي بيانن جي مذمت ڪيان ٿو، پاڪستان کي ٺاهيندڙ سنڌ صوبو هو ۽ هن ئي شهر ۾ سنڌ اسيمبلي هئي.
سنڌ اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان دشمنن ملڪ جي وحدت کي نقصان پهچائڻ جي مهم هلائي آهي، اهو پهريون ڀيرو ناهي، اڳ به ڪيترائي ڀيرا ٿي چڪو آهي، انگريزن ننڍي کنڊ تي قبضو ڪيو، ان کانپوءِ به ڪيتري ئي عرصي تائين سنڌ آزاد رهيو، پوءِ سنڌ کي ممبئي پريزيڊنسي تحت ڪيو ويو، سنڌ جي ماڻهن جدوجهد ڪري ان کان عليحدگي حاصل ڪئي.
هن چيو ته صدر زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هنيو، پ پ پاڪستان جي وحدت خلاف ڪڏهن نه ويندي، اهي توهان آهيو جيڪي پاڪستان کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪندا آهيو، سنڌ ٽوڙڻ جي سوچ خواب ۽ خيال به آهي ته اهو ڪامياب نه ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.