بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني انفلوئنسز جي چهري تان بيوٽي فلٽر هٽي وڃڻ سبب ان جي ڏيڍ لک فالوئرز کيس ان فالو ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڄاڻايل عورت سوشل ميڊيا تي لائيو اسٽريمنگ ۾ مصروف هئي ته ان دوران سندس چهري تان بيوٽي فلٽر هٽي ويو، جنهن تي واهپيدار حيران ٿي ويا ۽ کيس ان فالو ڪرڻ لڳا.
سوشل ميڊيا تي 4 سيڪنڊن جي اها وڊيو ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ سڄي دنيا ۾ وائرل ٿي وئي.
هي ڇا ٿي ويو! لائيو اسٽريمنگ دوران بيوٽي فلٽر هٽي وڃڻ سبب عورت انفلوئنسر ڏيڍ لک فالوئرز تان هٿ ڌوئي ويٺي
You might also like