وارسا (ويب ڊيسڪ) پولينڊ جي وزيراعظم ڊونلڊ ٽسڪ ايران ۾ موجود پنهنجي شهرين کي فوري طور ملڪ ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽسڪ ايران ۾ موجود پنهنجي شهرين کي هدايت جاري ڪندي چيو ته ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ ايران مان شايد پولش شهرين جي نڪرڻ جو ڪو امڪان باقي نه رهي.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اها تنبيهه سفارتي يا سيڪيورٽي خدشن کي ڏسندي جاري ڪئي وئي آهي ته جيئن پولينڊ جا شهري وقت سر پنهنجي حفاظت يقيني بڻائي سگهن.
ان کان اڳ آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي هئي ته آمريڪي فوج هن هفتي جي آخر تائين ايران تي حملي لاءِ تيار آهي.
You might also like