اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تيل اگهن کانپوءِ بجلي جي قيمت ۾ به واڌ جو امڪان آهي.
سي پي پي اي طرفان نيپرا ۾ جنوري جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ واڌ جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ بجلي جي في يونٽ قيمت هڪ رپيو 78 پيسا وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جنوري ۾ بجلي ڪمپنين کي 8 ارب 76 ڪروڙ 20 لک يونٽ فراهم ڪيا ويا ۽ ان دوران في يونٽ لاڳت 12 رپيا 17 پيسا رهي، جڏهن ته ان مهيني لاءِ ريفرنس لاڳت 10 رپيا 39 پيسا في يونٽ مقرر هئي.
نيپرا 26 فيبروري تي واڌ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪندي.
You might also like