سهيل آفريدي جو عمران خان جي آزادي لاءِ فورس ٺاهڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي، عمران خان جي آزادي لاءِ فورس ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي سهيل آفريدي چيو ته مون کي باني طرفان اسٽريٽ موومينٽ جي ذميواري ڏني وئي آهي، عدالتي حڪم رديءَ جي ٽوڪري ۾ اڇلايا ويندا آهن، ذاتي ڊاڪٽرن تائين پهچ ناهي ڏني ويندي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جي آزادي لاءِ فورس جو اعلان ڪيان ٿو، ان فورس جي رجسٽريشن ڪنداسين، جيڪا آزادي لاءِ پرامن جدوجهد ڪندي، اسان فورس ميمبرن کان حلف وٺنداسين، عمران خان جنهن کي ذميواري ڏيندو، ان کي ان فورس جي ڪمانڊ ڏينداسين.
سندس چوڻ هو ته تياري ڪري پوءِ وڙهنداسين، اها ويڙهه جمهوريت، آئين جي بالادستي ۽ آزاد ميڊيا لاءِ هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.